ڊاڪٽرمحمد ابراهيم سنڌي

ڊاڪٽرمحمد ابراهيم سنڌي

ابراهيم سنڌي ڊاڪٽر

ابراهيم ”سنڌي“ ڊاڪٽر: اديب، عالم ۽ لطيف شناس، ڊاڪٽر محمد ابراهيم ولد محمد دائود سمي جو جنم 5 نومبر 1953ع تي ڳوٺ خير محمد سمون، تعلقي بلڙي شاهه ڪريم، ضلعي ٽنڊي محمد خان ۾ ٿيو. 1973ع ۾ تعليم کاتي ۾ استاد مقرر ٿيو. هن ايم.اي (سنڌي)، بي ايڊ ۽ ايم ايڊ پاس ڪرڻ کانپوءِ ڪراچي يونيورسٽيءَ مان. ڊاڪٽرنوازعلي شوق جي نگرانيءَ ۾ ”شاهه لطيف جي ڪلام ۾ مرد جو ڪردار“ جي عنوان تي 2009ع ۾ پي ايڇ ڊي ڪئي. لطيفيات ۽ تاريخ تي تحقيقي ڪم سندس خاص مشغلو هو. 85-1984ع ۾ شاهه ڪريم بلڙيءَ مان سندس سرپرستيءَ ۾ ”بسنت پبليڪيشن“ ۽ 1993ع ڌاري ”ڪوڪ“ جي نالي سان رسالا جاري ٿيا، مارئي تنظيم طرفان (شاهه سچل ۽ سامي انٽرنيشنل ڪانفرنس دهلي) ۾ سنڌ جي اديبن جي وفد سان هند جي سفرڪرڻ کان پوءِ 2014ع ۾حج جي سعادت حاصل ڪئي. سندس ڇپيل ڪتابن ۾: ’ٽنڊي محمد خان ضلعي جو سماجي اڀياس‘ (درجو ٽيون. سنڌ ٽيڪسٽ بوڪ بورڊ ڄام شورو 2006ع)، ”شاهه لطيف جي ڪلام ۾ مرد جو ڪردار“، (لطيفيات: 2011ع)، ’اندر تون اجار‘ (لطيفيات: 2017ع)، ’راحت القلوب‘ (ترجمو: 2015ع)، ’انيس العاشقين‘ (مولانا محمد نورنگزادي جو حج جو سفرنامو، تحقيق ۽ ترتيب: 2016ع)، ’بسم جون برڪتون‘ (2021ع)، ’شاهه جي ڪلام ۾ حيوانات، جمادات ۽ نباتات جو ذڪر“ (تحقيق: 2021ع)، ”ڪا جا روح رهاڻ“ (سوانحي خاڪا، مضمون) ۽ ”رولاڪ راهون“ (آتم ڪٿا) شامل آهن. ڊاڪٽر محمد ابراهيم سنڌيءَ جي ذاتي لائبرري ۾ ڪتابن جو وڏو ذخيرو ۽ موسيقيءَ جو خزانو(آڊيو۽ وڊيو) موجود آهي. هن 6 اپريل 2024ع تي وفات ڪئي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1953.11.05  عيسوي

ڊاڪٽرمحمد ابراهيم سنڌيءَ جوجنم 5 نومبر 1953ع تي ڳوٺ خير محمد سمون، تعلقي بلڙي شاهه ڪريم، ضلعي ٽنڊي محمد خان ۾ ٿيو.



اديب - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

صبيحا نذير مگسي
چانڊيو عبدالحئي پروفيسر
انعام شيخ
عبدالقيوم صائب
ڄيٺو لالواڻي
شيرين فيروز نانا
ديوي ناگراڻي
رضوي وقار احمد ڊاڪٽر
لڇمڻ خوبچنداڻي
پٺاڻ نثار احمد
اديب ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون